ڪراچي ۾ زڪوات جي ورهاست دوران فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو

ڪراچي: زڪوات جي ورهاست دوران لتاڙجي فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو، واقعي کان پوءِ گرفتار ٿيل فيڪٽري مالڪ سميت 8 جوابدارن کي عدالت ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
جوڊيشل مئجسٽريٽ غربي سائيٽ ايريا جي نجي فيڪٽري ۾ ڀاڄ سبب 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس تي فيڪٽري مالڪ سميت 8 جوابدان کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ غربي جي آڏو نجي فيڪٽري ۾ ڀاڄ سبب 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس گرفتار 8 ڄڻن کي پيش ڪيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي. سندن 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي.
ٻڌڻي دوران فيڪٽري مالڪ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن جو ڪوبه ڏوهه ناهي، کين آزاد ڪيو وڃي، جوابدارن ڪوبه غيرقانوني ڪم ناهي ڪيو. فيڪٽري مالڪ عبدالخالق ان وقت اتي موجود نه هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عدالت فيڪٽري مالڪ سميت ٻين جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪندي جوابدان کي آزاد ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔