پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پهرين عورت چيف جسٽس حلف کڻي ورتو

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ خيبرپختونخوا جي تاريخ ۾ پهرين عورت چيف جسٽس مقرر ٿي وئي آهي،  جسٽس مسرت هلالي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

 جسٽس مسرت هلالي 8 آگسٽ 1961ع تي پشاور ۾ پيدا ٿي، خيبر لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1983ع ۾ وڪالت شروع ڪئي

 جسٽس مسرت هلالي 2007ع ۾ وڪيلن جي تحريڪ ۾ ۾ به حصو ورتو، وڪيل هلچل ۾ گرفتاريءَ دوران سندس ڄنگهه به ڀڄي پئي هئي

جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي نائب صدر هئڻ سان گڏ ڪي پي جي پهرين عورت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔