قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور

قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو آهي

چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو

سينيٽ چيئرمين اپوزيشن جي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ واري تحريڪ رد ڪندي بل کي فوري طور منظور ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ سينيٽرن چيئرمين سينيٽ جي ڊائس تي آڏو احتجاج ڪري عدليه تي حملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي

ان دوران سينيٽ جي سڪيورٽي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن کي گهيرو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عدالتي سڌارن وارو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو

بل جي حق ۾ 60 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ آيا، جنهن بعد چيئرمين سينيٽ بل جي منظوري ڏني، اها منظوري اڪثريت راءِ سان ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔