ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪيس: جسٽس امين ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جو لارجر بينچ ٽٽي ويو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس امين الدين ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت جو لارجر بينچ ٽٽي ويو.
سپريم ڪورٽ جو 5 رڪني لارج بينچ جڏهن ٻڌڻي جي لاءِ آيو ته چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو

ان موقعي تي جسٽس امين الدين ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جسٽس امين گذريل ڏينهن جي فيصلي جي حوالي سان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
جسٽس امين چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي حوالي سان مان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪريان ٿو.
جسٽس امين الدين جي اهڙي بيان کان پوءِ بينچ عدالت جي ڪمري مان اٿي هليو ويو. جسٽس امين طرفان معذرت ڪرڻ کان پوءِ عدالت جو لارجر بينچ ٽٽي ويو هاڻ ڪيس ۾ نئون بينچ جوڙيو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔