نئين اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد: نئين اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چونڊن بابت ڪيس ۾ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيندس.
نئين اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ صحافين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اڄ چونڊن واري ڪيس ۾ پيش ٿيندا؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ها عدالت ۾ ضرور پيش ٿيندس. بينچ تي اعتراض اٿارڻ جي سوال تي هن چيو ته ڪيس شروع ٿئي پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ جنرل منصور عثمان اعواڻ کي اٽارني جنرل پاڪستان مقرر ڪيو ويو هو.
صدر عارف علوي شهزاد عطا الاهي پاران اٽارني جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان پوءِ منصور عثمان اعواڻ کي بطور اٽارني جنرل آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.
صدر عارف علوي نئين اٽارني جنرل جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 100 جي تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني. ياد رهي ته 24 مارچ تي شهزاد عطا الاهي ذاتي سببن جي آڌار تي اٽارني جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو. وفاقي حڪومت بيرسٽر شهزاد الاهي کي گذريل مهيني 2 فيبروري تي اٽارني جنرل پاڪستان مقرر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔