ملڪ ۾ زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو

پشاور: ملڪ ۾ گذريل ڏينهن آيل 7.7 شدت جي زلزلي سبب هينئر تائين 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.
پاڪستان جي 3 صوبن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا. زلزلو 9 لڳي 47 منٽن تي آيو جنهن جا لوڏا ڪافي دير تائين محسوس ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔