فيس بوڪ ”ريلز“ وڊيوز ۾ وڏي ڦيرڦار ڪري ڇڏي

واشنگٽن: دُنيا جي مشهور ترين سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس فيس بوڪ ۾ خاموشي سان ڪيئي نوان فيچرز شامل ڪيا ويا آهن.
ميٽا طرفان فيس بوڪ ۾ مختصر وڊيوز جي سيڪشن ريلز جي حوالي سان ڪيئي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
ڪمپني طرفان فيس بوڪ ۾ ريلز جي وقت کي وڌايو ويو آهي، هاڻي واهپيدار سٺ سيڪنڊن بدران نوي سيڪنڊن جي وڊيو ريلز ۾ پوسٽ ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب ان فيچر لاءِ ويجوئل بيٽ ٽينڪالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي.
هڪ ٻيو فيچر ميموريز مان ريلز تيار ڪرڻ جو آهي جڏهن ته واهيپدار ٽرينڊنگ ٽيپليٽس به ريلز وڊويز لاءِ استعمال ڪري سگهندا.
ميٽا موجب ريلز وڊيوز جي مقبوليت ۾ تمام گهڻي تيزي سان واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي ڏسڻ وارن جي انگ ۾ هڪ سال دوران ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔