سرڪاري ادارن ۽ جاين تي نالا رکڻ لاءِ ڪميٽي قائم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سرڪاري ادارن سوڌو ٻين جاين تي نالا رکڻ لاءِ سيڪريٽريز، شاعرن، اديبن ۽ ساڃاهه وندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر  ۾ 2 رُڪني بئنچ سرڪاري ادارن، چوڪن ۽ ٻين جاين تان وڏيرن جا نالا هٽائڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي هلائي،  جنهن دوران خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز سوڌو مڪاني ادارن جا عملدار پيش ٿيا

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته دُنيا ۾ ادارن تي نالا ڪيئن رکيا ويندا آهن؟ ڇا راڻيپور جي پير جي چوڻ تي جيڪو وڻي نالو رکي ڇڏيندا؟

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته طاقتور ماڻهو هوش وڃائي ويهن ته عدالت مجبور ٿي قدم کڻي ٿي، وڏا ماڻهو پنهنجا نالا رکڻ کانپوءِ زالن جا نالا به لکرائي رهيا آهن

عدالت ريمارڪس ڏنا ته هڪ پاسي لکين روپيا خرچ ڪندڙ پنهنجا نالا نٿا لکرائين، ٻئي پاسي هڪ رُپيو به پنهنجي کيسي مان نه ڀريندڙ نالا لکرائي رهيا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سوال ڪيو ته نسيم فاروقي ڪهڙي خدمت ڪئي جو سندس نالي سان اوور هيڊ برج آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪراچي ۾ ڪابه جاءِ شيخ اياز جي نالي سان ناهي، ڇا ڪراچي سنڌ ناهي؟ عدالت ڪميٽي کي نالا رکڻ ۽ هٽائڻ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔