غيرملڪي ايجنسي پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي: بابر اعواڻ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته اسان وٽ اطلاع ۽ پڪا ثبوت آهن ته عمران خان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ غيرملڪي ايجنسي ڪنهن پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دليل ڏيندي بابر اعواڻ چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس تي ڪجهه ماڻهن مذاق اڏايو، عمران خان به ٻه ڀيرا ورجائي چڪو آهي ته حملو ٿيندو، وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملو ٿيو، حڪومت ٻه موقف اختيار ڪيا ته عمران خان تي ڪو به حملو ناهي ٿيو، ٻيو موقف هو ته عمران خان تي هڪ مذهبي جنوني حملو ڪيو آهي

هن چيو ته اسان وٽ اطلاع ۽ پڪا ثبوت آهن ته ٻيهر عمران خان کي جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان تي هڪ وڌيڪ قاتلاڻي حملي جي تياري ڪئي پئي وڃي، عمران خان کي سيڪيورٽي جي حوالي سان اڪيلو ڪيو ويو آهي

بابر اعواڻ چيو ته جوڊيشل ڪمپليڪس جي اندر سيڪيورٽي جي اهلڪارن کي ڪنهن هٽايو، غيرملڪي ايجنسي عمران خان کي مارڻ چاهي ٿي، اطلاع آهن ته عمران خان کي ڪچهري گهرائي قتل ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔