سرداري نظام سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ جيڪي آفيسر لڳن ٿا اهي سردارن جا ڀائر آهن:جسٽس صلاح الدين پنهور

سکر : سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرداري نظام سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ جيڪي آفيسر لڳن ٿا اهي سردارن جا ڀائر آهن

 سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ ۾ سردارن جي ڪري ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، بدامني چوٽ چڙهيل آهي، سنڌ ۾ جيڪي آفيسر لڳن ٿا اهي سردارن جا ڀائر آهن

گذريل ٻڌڻي تي غير حاضر رهندڙ ايس ايس پي نوشهرو فيروز عبدالقيوم پتافي عدالت آڏو پيش ٿي معافي ورتي، عدالت قيوم پتافي کان سوال ڪيو ته توهان ايس ايس پي ڪيئن بڻيا؟

 قيوم پتافي جواب ڏيندي چيو ته مان 1994 ۾ ڊي ايس پي طور ڀرتي ٿيس، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته ماضي ۾ سياستدانن ۽ وڏيرن جي اولاد ڀرتي ٿيندي هئي، توهان جي آءِ جي کي چيو آهي ته ڪم نه ٿا ڪري سگهو ته سيٽ ڇڏي ڏيو، توهان کي ٽن مهينن جي مهلت ٿا ڏيون، نوشهروفيروز ضلعي منشيات جو خاتمو آڻي امن قائم ڪيو

ان دوران عدالت ايس ايس پي نوشهروفيروز جي معافي قبول ڪري ورتي، گذريل ڏينهن عدالت قيوم پتافي کي هٽائڻ جا رمارڪس ڏنا هئا، جسٽس صلاح الدين ٻڌڻي دوران احمد فراز جو شعر پڙهيو ته “شڪوهء ظُلمت سي تو ڪَهِين بهتر ٿا، اپنـَي حصي ڪـِي شمع جلائَي جاتَي”

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔