ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 265 ۽ انٽر بينڪ ۾259.92 رپين تي پهتو: سون 100رپيا مهانگو

ڪراچي : ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 265 ۽ انٽر بينڪ ۾ 259.92 رپين تي پهچي ويو، سون 100رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 194000 مان 194100رپيا في تولو  ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي اضافي سان  1812 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 ڊالرن جي لاٿ سان 268 مان 265 ۽ انٽر بينڪ ۾ 7 پئسا لاٿ سان 259.92 رپيا ٿي ويو

ٻئي طرف  پائونڊ  38 پئسا لاٿ سان 316.38 مان 316 ۽ يورو 1.36 رپيا گهٽتائي سان 278.65 مان 277.3 رپيا تي پهتا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔