بارکان ڌماڪو: وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر عارف علوي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف بارکان جي علائقي رکني بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. جڏهن ته مارجي ويلن جي گهر ڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير ۽ آءِ کان رپورٽ طلب ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي

شهباز شريف چيو ته دهشتگرد سزا کان بچي نٿا سگهن. ناحق خون وهائيندڙن کي عبرت جو مثال بڻائينداسين. وزيراعظم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن لاءِ مغفرت، سندن گهر ڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي

.پنهنجي بيان ۾ صدر عارف علوي ڌماڪي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. صدر عارف علوي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔