سپريم ڪورٽ جي ٻن ججز جو ن ليگ سان تعصباڻو رويو آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله (ن) ليگ خلاف سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي رويي کي تعصباڻو قرار ڏئي ڇڏيو آهي

هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جو مسلم ليگ (ن) سان تعصباڻو رويو آهي، انهن مان هڪ نوازشريف خلاف ڪيس ۾ نگران جج هو، تنهن ڪري کين انصاف جي اميد ناهي ۽ ٻئي جج جو آڊيو ليڪ ٿيو آهي، ججز جي غير جانبداري تي سواليه نشان لڳل آهن

هن چيو ته ٻنهي ججن نواز شريف ۽ شهباز شريف بابت درجنين ڪيسن ۾ مخالف فيصلا ڏنا، پاناما، پارٽي قيادت، پاڪ پتن الاٽمينٽ ڪيس ۽ رمضان شگر ڪيس جا فيصلا سڀني جي سامهون آهن

گهرو وزير چيو ته قانون ۽ عدالتي روايت آهي ته تڪراري جج لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيندا آهن، متاثر ڌر جي درخواست تي به تڪراري جج کي بينچ مان هٽائڻ جي روايت آهي، شريف خاندان جا وڪيل اُنهن ججز کي چوندا ته اُهي ن ليگ جا ڪيس نه ٻڌن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔