ايمن خان ۽ منيب بٽ جي گهر ۾ گئس سلنڊر ڌماڪو، گهر تباهه

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي ايمن خان ۽ منيب بٽ جي گهر گيس سلنڊر جو ڌماڪو ٿيو آهي ۽ خوش قسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گيس سلنڊر ڌماڪي سبب گهر کي ڪافي نقصان پهتو آهي پر ڪنهن جاني نقصان جي خبر سامهون نه آئي آهي

ڌماڪي جي خبر اڳيان ايندي ئي ايمن خان ۽ منيب بٽ جي مداحن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ اهي سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي خيريت لاءِ دعائون ڪري رهيا هئا. ايمن ۽ منيب شوبز انڊستري جو اهم حصو آهن ۽ ٻنهي ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن

ٻنهي جي پهرين ملاقات هڪ ٽيلي فلم جي شوٽنگ دوران ٿي هئي ۽ نومبر 2018ع ۾ اهي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا، هنن کي هڪ ڌيءُ جو اولاد به آهي جنهن جو نالو امل منيب آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔