پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ضمانت رد

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

 اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج واري ڪيس ۾ عدالت عمران خان کي اڄ ڏيڍ وڳي طلب ڪيو هو، پيش نه ٿيڻ تي جج راجا جواد عباس حسن عمران خان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

جج رمارڪس ۾ چيو هڪ گوليءَ جي زخم تي ڪنهن جوابدار کي ايتري رعايت نه ٿي ڏئي سگهجي

 اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ به فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي اڄ ئي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وئي آهي

 عدالت جي جج رخشنده شاهين رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان اڄ ئي عدالتي وقت جي اندر پيش ٿئي، عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته قانون پنهنجو دڳ وٺندو

 عمران خان جي وڪيل حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪندي وڊيو لنڪ ذريعي حاضريءَ جي استدعا ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔