170 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جو مني بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي

اسلام آباد: حڪومت طرفان اڄ 170 ارب کان وڌيڪ ماليت جو مني بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن موجب حڪومت سيلز ٽيڪس جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيلز ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو وڌڻ سان 50 ارب روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار عوام مٿان پوندو. مني بجيٽ ۾ لگزري شين تي ٽيڪس لڳائي 60 کان 70 ارب روپين جي آمدني جو امڪان آهي. حڪومت سگريٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي فوري طور تي لڳائڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

پراميد آهي جنهن کان پوءِ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري ڏيندو. هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان حڪومت کي 30 جون تائين 50 کان 55 ارب روپيه اضافي ريونيو حاصل ٿيندو.
جوس تي 7 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جڏهن ته ڪولڊ ڊرنڪس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 13 مان 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ٻئي طرف ايف بي آر سگريٽس تي به ٽيڪس ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔