پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 32 روپيه في ليٽر کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت طرفان اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 32 روپيه في ليٽر کان وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
حڪومت طرفان اڄ رات کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12.8 سيڪڙو وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته نيون قيمتون فيبروري جي ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ هونديون

روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۽ پيٽروليم شين تي لڳايل ٽيڪسن کي ڏسندي پيٽرول جي قيمت 32.07 روپيه، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي 32.84 روپيه في ليٽر تائين وڌائي سگهجي ٿي. اهڙي طرح گاسليٽ جي قيمت ۾ 28.05 روپيه، لائٽ ڊيزل 9.90 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو.
هن وقت پيٽرول جي قيمت 249.80 روپيه ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي 295 روپيه ليٽر، گاسليٽ 189.83 روپيه جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي 187 روپيه في ليٽر آهي.
ڊالر ريٽ ۽ ان تي ليوي جي حساب سان پيٽرول جي نئين قيمت 281.87 روپيه، هاءِ اسپيڊل ڊيزل 295.64 روپيه، گاسليٽ 217.88 روپيه ۽ لائٽ ڊيزل جي 196.90 روپيه في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔