پاڪستان ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري جو هڪ باب بند،ضياءُ محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري جو هڪ دور پڄاڻيءَ تي پهتو، ناليوارو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ لکاري ضياءُ محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو

92 سالن جو ضياءُ محي الدين گذريل ڪجهه عرصي کان بيمار هو، اڄ صبح 6 وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، 20 جون 1931 تي فيصل آباد ۾ جنم وٺندڙ ضياءُ محي الدين لنڊن جي رايل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري جي باقاعده سکيا ورتي، ضياءُ محي الدين پرڏيهه ۾ به فلم ۽ ٿيٽر لاءِ ڪم ڪيو

 1962 ۾ هن هالي ووڊ جي مشهور فلم لارنس آف عريبيه ۾ به لازوال ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي تان پنهنجي نالي سان شو سميت هن ڪيترائي پروگرام ڪيا، هلال امتياز سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا

 2005 کان 2021 تائين نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس سان باني ۽ سربراهه طور واڳيل رهيو، 2022 ۾ ضياءُ محي الدين شيڪسپيئر جي ڊرامي روميو اينڊ جوليئٽ کي اردو زبان ۾ پيش ڪري شاگردن کي ڪلاسيڪل ٿيٽر به سيکاريو، ضياءُ محي الدين جي جي اڄ ڪراچي ڊفينس فور ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔