پي ايس ايل 8 ۾ پنهنجي ٽيم کي چئمپين بڻائيندس: شاهنواز ڏاهاڻي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي المدينه ڪالوني جي خانگي سنڌ پبلڪ اسڪول ۾ بنيادي حاصل ڪندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اسڪول جو دورو ڪيو جتي سندس شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي

جڏهن ته کيس سنڌ جي سوکڙي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. اسڪول جي ٻارڙن سندس تعريف ۾ لکيل ڪارڊ ۽ گلدستا پيش ڪيا جڏهن ته ساڻس سيلفيون ڪڍي آٽوگراف وٺي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو

ان موقعي تي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته منهنجو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃڻ ٿيو ته ٻين ملڪن جي رانديگرن سان به ڳالهائڻ ۾ آساني ٿي هئي اها سڄي محنت هن اسڪول جي استادن جي آهي

هن چيو ته پاڪستان پريميئر ليگ جي سيزن جو اٺون ميلو شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ آءُ زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڪرڪيٽ جي مداحن ۾ هر طرح سان خوشيون ورهائي پنهنجي ٽيم کي پي ايس ايل سيزن 8 جو چئمپين بڻائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔