عوام لاءِ وڏي خوشخبري، موبائيل فون ۽ليپ ٽاپ سستا ٿيندا

عوام لاءِ وڏي خوشخبري، موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو اليڪٽرڪ سامان سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، سگنل بوسٽر سميت ٻيا اوزار مقامي سطح تي ٺهڻ جي تياري شروع ٿيڻ کانپوءِهاڻي ٽيڪنيڪل اوزار سستا ٿيڻ جا امڪان آهن.

نئين پاليسي ۾ گاڏين جا ٽريڪر، بائيو ميٽرڪ مشينز پوائنٽس آف سيلز مشين کي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته پي ٽي اي موبائيل فون مينو فيڪچرنگ پاليسي ۾ ترميم جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

ان کان اڳ هي سڄو سامان فلحال ٻاهران گهرايو پيو وڃي.

پي ٽي اي موجب انهن اوزان جي مقامي سطح تي تياري سان روزگار جا موقع پيدا ٿيندا. پي ٽي اي مقامي مينوفيڪچرنگ سان پرڏيهي سيڙپڪاري پاڪستان ايندي، پي ٽي اي دستاويز فائيو جي ٽيڪنالوجي تي هلندڙ موبائيل فونز به تيار ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔