وزيراعظم بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي قوم کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي قوم کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن تي ٿيل بريڪ ڊائون سبب شهرين کي پهچندڙ تڪليفن تي معذرت ڪيون ٿا

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ جاري آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

جڏهن ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهباز شريف پاران ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ پڇاڻو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ڇو ٿيو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔