پاڪستان ۾ هر 7 ڄڻن مان هڪ ماڻهو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيو آهي: بلاول

جنيوا: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر 7 ڄڻن مان هڪ ماڻهو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيو آهي، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ متاثرين کي گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ عالمي برادري مدد ڪري

جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب دوران  بلاول چيو ته پاڪستان جو اڌ حصو اڃا به پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي، متاثرن جي بحالي ۽ رليف جو ڪم اڃا جاري آهي

هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏي سگهون

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ لڳايل ڪاٿي جي 50 سيڪڙو رقم پاڪستان پنهنجن وسيلن مان خرچ ڪندو

 فرانس جي صدر ميڪرون ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ملين ڊالرز جي امداد جو اعلان ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔