سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن فيصلن جا تفصيل اجلاس جي جاري ٿيندڙ پڌرنامي ۾ ٻڌايا ويندا

قومي سلامتي ڪميٽي جي ٿيندڙ اجلاس آرمي چيف جنرل عاصم منير، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجا آصف، راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي، عسڪري اختيارين پاران اجلاس کي ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي

اجلاس ۾ دهشتگرديءَ جي هاڻوڪي لهر ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪندي مغفرت جي دعا به گهري وئي، اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ رابطا ڪاري بهتر بڻائڻ لاءِ نيڪٽا جي ڪردار، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن بابت بريفنگ به ڏني وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔