اسلام آباد ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سڀاڻي ئي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن پهريان اسلام آباد  ۾ 31 ڊسمبر تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو آهي

عدالتي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون شيڊول 31 ڊسمبر يعني سڀاڻي ئي ڪرايون وڃن

واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ٿي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي سنڌ حڪومت وري 3 مهينن لاءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔