اي پي ايس پشاور سانحي کي 8 سال مڪمل، غم اڄ به تازا

ڪراچي: اي پي ايس پشاور سانحي کي 8 سال مڪمل، غم اڄ به تازا، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي

 شهيد ٻارڙن سميت 150 شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مُک تقريب آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ٿيندي

 8 سال اڳ دهشتگردن پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري شاگردن سميت 150 ماڻهن کي شهيد ڪيو هو

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پاران اي پي ايس سانحي جي ڏهاڙي تي بيان جاري ڪيو آهي، وزيراعظم موجب 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف سڄي پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي

وزيراعظم چيو ته پراڻي غم کي اڄ به وساري نٿو سگهجي، اڄوڪو ڏينهن سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ وارثن سان ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم ڪڏهن به پنهنجن شهيدن جي قربانين کي نٿي وساري سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔