ڪراچي: عدالتي حڪم تي پوليس نينگري سميت چئن گم ٿيل ماڻهن کي ڳولي ورتو

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيسن ۾  اهم اڳڀرائي ٿي آهي

عدالتي حڪم تي پوليس نينگري سميت چئن گم ٿيل ماڻهن کي ڳولي ورتو آهي، لياقت آباد جي علائقي مان  گم ٿيل 2 شهري  پاڻ عدالت پهچي ويا

محمد اختر ۽ عظيم حراست بعد گم ٿي ويا ھئا، عدالت شهرين جي حفاظت سان واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو

پوليس رپورٽ موجب عزيز ڀٽي جي علائقي مان گم  ٿيل نينگري جي شادي ٿي وئي آهي

پوليس آگاهي ڏني آهي ته گلزار علي پوليس کي مختلف ڪيسن  ۾ گهربل هو، کيس شاهه لطيف  پوليس گرفتار ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔