پاڪ افغان بارڊر تي ٻيهر چڪريون، 2 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

پاڪ افغان بارڊر تي پاڪستان ۽ افغانستان جي فورسز ۾ ٻيهر چڪريون ٿيون آهن،  افغان فورسز جي شهري آبادين تي فائرنگ ۾ 2 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

 سيڪيورٽي اختيارين موجب ڪلي شيخ لعل محمد جي بارڊر ايريا ۾ پاڪ افغان فورسز ۾ چڪريون ٿيون،  افغان فورسز پاران هڪ ڀيرو ٻيهر شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو ويو

ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته بوغرا ۽ ڪسٽم هائوس وارن علائقن ۾ افغان آرٽلري جا ڪيترائي گولا ڪريا، شهرين کي مال روڊ، بوغرا روڊ، باءِ پاس ۽ بارڊر روڊ خالي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون

 ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چمن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، افغان فورسز جي جارحيت بعد پاڪ فورسز پاران به جوابي ڪارروائي ۽ توبخاني جو استعمال ڪيو ويو

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔