حڪومت لاءِ 16 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو، سعودي کان 4.2 اب ڊالر مالي مدد جي اپيل

اسلام آباد: پاڪستان جي مٽا سٽا جي ناڻي ذخيرن ۾ 78 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي گهٽتائي، ڪل ناڻي ذخيرا 12 ارب 58 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا، هلندڙ مالي سال جي 30 جون 2023ع تائين موجوده وفاقي حڪومت لاءِ 16 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻ پريشاني جو سبب بڻجي ويو آهي

وفاقي حڪومت قرض واپس ڪرڻ لاءِ سعودي عرب کان وڌيڪ 4.2 ارب ڊالر جي مالي امداد ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت پاران سعودي عرب کي وڌيڪ قرض فراهم ڪرڻ جي اها درخواست پاڪستان ۾ مقرر سعودي جي سفير معرفت ڪئي وئي ، سعودي کي 3 ارب ڊالر بجيٽ سپورٽ طور قرض فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1.2 ارب ڊالر ماليت جو تيل ۽ يوريا ڀاڻ جي خريداري جي مد ۾ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

ياد رهي ته سعودي عرب پاران اسٽيٽ بينڪ وٽ رکيل 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي مدت ۾ تازو ئي هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سعودي عرب پاڪستان جي مالي مدد جي خاطري ڪرائي آهي، سعودي عرب جي ناڻي وزير محمد الجدان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، سعودي حڪومت مهانگائي کي منهن ڏيندڙ اتحادي ملڪن جي مدد ڪندو

جڏهن ته پاڪستان جا ناڻي ذخيرا گهٽجي 12 ارب 58 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن، ناڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي سڪوڪ بانڊ ۽ ٻين پرڏيهي قرضن جي ادائگي سبب ٿي، اسٽيٽ بينڪ موجب ڪمرشل بينڪن وٽ ناڻي ذخيرا 5 ارب 86 ڪروڙ ڊالر آهن، اسٽيٽ بينڪ وٽ 6 ارب 71 ڪروڙ ڊالر آهن، پاڪستان جي مٽا سٽا جي ناڻي ذخيرن ۾ 78 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔