سڄي سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: سڄي سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو ، جنهن موجب اسڪولن ۽ ڪاليجن جون سياري جون موڪلون 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ڪيون وينديون .

تعليم کاتي سنڌ موجب صوبي جا سڀئي اسڪول ۽ ڪاليج پهرين جنوري کان کوليا ويندا .

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کي موڪلن جي اهڙي منظوري ڏئي ڇڏي آهي .

تعليم کاتي جي سنڌ جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي اعلان ڪيو آهي ته سياري جي موڪلن وارو فيصلو سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن تي هڪ جيترو ئي لاڳو ٿيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔