موٽروي اسڪينڊل ۾ سنڌ بينڪ جا آفيسر به ملوث نڪتا

موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ سنڌ سرڪار جي جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ چيف سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏي

ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم سڪس موٽروي ميگا پراجيڪٽ ۾ 3 ارب روپين جي ڪرپشن ٿي، هڪ رات دوران سنڌ بينڪ مان 70 ڪروڙ روپيا ڪڍيا ويا، ڪرپشن جي ميگا اسڪينڊل ۾ اين ايڇ اي ۽ سنڌ بينڪ جا آفيسر به ملوث آهن

 ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اين ايڇ اي جي عملدارن جو لينڊ اڪيوزيشن واري معاملي سان تعلق نه رهيو

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زمينن جي خريداري جي مَد ۾ 7 جعلي کاتيدارن کي سوا 2 ارب  رپيا جاري ڪيا ويا

ھڪ کاتيدار جي نالي تي ڪيترائي چيڪ جاري ٿيا، رپورٽ موجب ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، اصغر جتوئي ۽ زمان شاھه جو اسڪينڊل ۾ ايجنٽ طور اھم ڪردار رھيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔