ڊانس جون وڊيوز وائرل ڪري پنهنجو معاشرو پاڻ خراب ڪريون پيا: رابي پيرزاده

ڪراچي؛ اڳوڻي ڳائڻي رابي پيرزادو چيو آهي ته اسان ڇوڪرين جي ڊانس جون وڊيوز وائرل ڪري پنهنجو معاشروع پاڻ خراب ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته اسان معاشري طور خرابي طرف وڃي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان اهڙن مردن کي آئيڊيل بڻائي رهيا آهيون جيڪي عورتن جي نقل ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي عورتون رقص ڪري مشهور ٿي رهيون آهن

هن چيو ته اهي شيون نه ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته اسان ايندڙ نسل لاءِ زهريلو ماحول بڻائي رهيا آهيون، اسان جون آئيڊيل رقص ڪندڙ عورتون آهن، اسان پنهنجو معاشرو پاڻ خراب ڪري رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔