ايم سڪس موٽر وي اسڪينڊل: تاشفين عالم سوڌو 22 ڄڻن خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل

نوشھروفيروز :ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل ۾ نوشهروفيروز جي اڳوڻي ڊي سي تاشفين عالم سوڌو 22 ڄڻن خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

اينٽي ڪرپشن طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم، 2 مختيارڪار ۽ 3 تپيدار به نامزد، جوابدار طور نامزد ڪيل مختيارڪارن ۾ ڀريا جو نياز اڄڻ ۽ محرابپور جو شفيق سومرو شامل آھن

تپيدار تنوير ملاح، حقاني سهتو ۽ ستار ڏنو مڱريو جا نالا به ڪيس ۾ نامزد، پ پ ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي سوڌو خانگي ماڻهن اصغر جتوئي، زمان شاهه ۽ خالد چنو کي به نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مٿان ٽي ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔