روئڻ پٽڻ مان ڪجهه نه ورندو، تعمير ۽ ترقي عمل سان ٿيندي آهي ڌرڻن سان نه: وزيراعظم

منگلا : وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته اڏوات ۽ ترقي عمل سان ٿيندي آهي ڌرڻن سان نه، روئڻ پٽڻ، مرثيه پڙهڻ ۽ تماشو لڳائڻ مان ڪجهه نه ورندو.

وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ پنج ۽ ڇهه جو افتتاح ڪيو، خاص مددگار طارق فاطمي، وزيراعظم آزاد ڪشمير سردار تنوير الياس، واپڊا چيئرمين، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس ايڊ مشن ڊائريڪٽر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

افتتاحي تقريب کان خطاب ڪندي وزيراعظم چيوته تعمير ۽ ترقي عمل سان ٿيندي آهي ڌرڻن سان نه، روئڻ پٽڻ، مرثيه پڙهڻ ۽ تماشو لڳائڻ سان ڪجهه نه ورندو، بهادري سان ڪم ڪرڻو پوندو، قيادت کي به پنهنجو رَت پگهر وهائڻو پوندو.

هن چيو ته  پهريان ڊيمز ٺاهيا وڃن ها ته اڄ سستي بجلي موجود هجي ها، پن بجلي، شمسي توانائي ۽ هوا ذريعي بجلي ٺاهڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اڄ اسان جو ٻارڻ جو بل 27 ارب ڊالر نه هجي ها، هڪ ارب ڊالر جي بانڊ بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو اسان اِها ادائيگي ڪري چڪا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔