ٽرمپ آمريڪي آئين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري 2020 واري صدارتي چونڊ ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي آئين کي ئي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو .

مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽوئيٽر جي باني ايلون مسڪ طرفان ڪجهه ڏينهن ” ٽوئيٽر فائلز “ جي نالي سان ڪجهه دستاويز شيئر ڪيا ويا جنهن ۾ سوشل ميڊيا اپ جي اڳوڻي انتظاميا جي اظهار جي آزادي کي روڪڻ لاءِ کنيل قدم پڻ شامل هئا.

ايلون مسڪ جي ٽيم طرفان ليکڪ ميٽ ٽيبي کي گذريل انتظاميا جي تڪراري فيصلن جي حوالي سان ڪجهه دستاويز فراهم ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻه هزار ويهه وارين صدارتي چونڊنن کان ٽي هفتا اڳ هنٽر بائيڊن جي ليپ ٽاپ مان هٿ آيل مواد بابت نيويارڪ ٽائمز جي آرٽيڪل جي محدود پهچ بابت ٻڌايو ويو هو.

ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر فائلز ۾ ٿيندڙ غلطين جو اعتراف بعٿد سوشل ميڊيا پليٽ فام ” ٽرٿ سوشل“ تي جاري پيغام ۾ لکيو آهي ته اهڙي قسم جو وڏو فراڊ اجازت ڏئي ٿوته آئين ۾ موجود قائدن ۽ قانونن ۽ آرٽيڪلز کي ختم ڪيو وڃي.

اڳوڻي آمريڪي صدر اهو الزام پڻ مڙهيو ته وڏي ٽيڪنالوجي فرم به ڊيمو ڪريٽڪس سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ جو بائيڊن جي ڪاميابي جي حوالي سان لکيو آهي ته عظيم باني ڪوڙي ۽ فراڊي چونڊ ن پيو چاهي ۽ هو به کيس ڪڏهن معاف نه ڪندو.

ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان ته وائيٽ هائوس جي ترجمان اينڊريو بيٽس ردعمل ڏيندي چيو ته اوهان رڳو ڪاميابي حاصل ڪري ئي آمريڪا سان محبت جو اظهار نٿا ڪري سگهو، آئين هڪ مقدس دستاويز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔