سنڌ ۾ مليريا جا هاڃا، صحت کاتي ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ جنوري کان هنيئر تائين ٽي لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مليريا جو شڪار ٿي چڪا آهن، متاثرن ۾ عورتون ٻار ۽ پيرسن شهري پڻ شامل آهن.

صحت کاتي موجب ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ مليريا جا 41 هزار ڪيسز سامهون آيا آيا آهن، هلندڙ سال 25 لک 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا مليريا ٽيسٽ ڪيا ويا.

جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيسز ٺٽي ۾ 51 هزار 341 ڪيسز رپورٽ ٿيا، ان کانپوءِ 50 هزار 205 ڪيس لاڙڪاڻي ۾ سامهون آيا.

ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ هلندڙ سال دوران اٺ هزار ستو سئو ٻاونجاهه ڪيسز رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سڀ کان گهٽ ٻه هزار ٻاونجاهه ڪيس سانگهڙ ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا.

ڪراچي ۾ مليريا سبب ٿيندڙ فوتگين تي صحت کاتي ۽ ڊي جي هيلٿ انگن اکرن ۾ واضح فرق آهي.

صحت کاتي جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ مليريا وگهي ٽيويهه ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا.

ڊي جي هيلٿ ٻڌايو ته رڳو دائود ۾ ٽيهه ماڻهون موت جو کاڄ بڻيا، جڏهن ته سياري جي مند سبب سڄي سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي وارن ڪيسن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔