ماهرا خان پنهنجي چاهيندڙن کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي: لالي ووڊ جي نامياري اداڪارا ۽ ماڊل ماهرا خان سوشل ميڊيا تان وقفو وٺي ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ اداڪارا لکيو ته پنهنجن چاهيندڙن کان ڪجهه وقت لاءِ پري رهنديس

ذريعن موجب ماهرا خان هڪ عالمي ويب سيريز پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن هڪ نامياري ويب سائيٽ جو پروجيڪٽ سائن ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ماهرا خان ڏيڍ مهيني تائين ويب سيريز جي عڪسبندي ۾ مصروف رهندي ۽ ان دوران هوءَ اٽلي، ترڪي ۽ قطر پڻ ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔