مشرف دور جو پوليس ايڪٽ 2002ع بحال ڪرڻ جو بل رد

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا 3 وڳي شروع ٿيو. پي ٽي آءِ جي رابعه اظفر نظامي گهريلو تشدد روڪٿام ۽ تحفظ جو خانگي ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو . جڏهن ته  فردوس شميم نقوي پاران بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت پيش ڪيل خانگي بل ۽ ارسلان تاج پاران سنڌ پوليس ايڪٽ 1861ع کي رد ڪرڻ ۽ پوليس آرڊر 2002ع جي بحالي بابت ترميمي بل کي ايوان اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. سوال جوابن واري وقفي ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته مسجد، مندر، سميت خيراتي ادارن کي اپلاءِ ڪرڻ تي گاڏين جو ٽيڪس معاف ڪندا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔