پاڪستان ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي تي ڳالهيون هلن پيون: آءِ ايم ايف

اسلام آباد : آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان سان ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيرز چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني بنيادن تي بحالي جي پاليسين سميت ٽارگيڊ سبسڊي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهين تي آءِ ايم ايف جي نمائندي چيو ته پاڪستان سان نوين جائزي تحت آن لائن ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين ۾ انساني بنيادن تي بحالي جي پاليسين کي ترجيح ڏيڻ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڳالهين ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، آءِ ايم ايف جي نمائندي چيو ته پاڪستاني اختيارين سان سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي، ان کانسواءِ ميڪرون، مالي پائيداري ۽ ڀائيوارن جي مالي مدد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔