پنڊي ٽيسٽ کان اڳ انگلش ڪپتان سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن جو پيٽ خراب

پاڪستان خلاف پنڊي ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ انگلينڊ جو ڪپتان بين اسٽوڪس بيمار ٿي پيو

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلش ڪرڪيٽ اسڪواڊ جا 14 ميمبر بدهضمي جو شڪار ٿيا، جنهن ۾ ڪپتان بين اسٽوڪس به شامل آهي

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب بين اسٽوڪس جو پيٽ خراب هُجڻ سبب ٻيا رانديگر ۽ آفيسر پنڊي اسٽيڊيم نه آيا

اي سي بي موجب انگلينڊ ٽيسٽ اسڪواڊ جا ڪيترائي رانديگر ۽ آفيشلز اڄ هوٽل ۾ ترسندا، رانديگرن ۽ آفيسرن کي هوٽل ۾ مڪمل آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب هيري بروڪ، زيڪ ڪرولي، ڪيٽن جيننگز، اولي پاپ ۽ جوائي روٽ پريڪٽس ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔