جنوني شخص زال ۽ ٽن ڌيئرن کي ڪهي ڇڏيو

ملير ۾ لِڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جوابدار طرفان زال ۽ ٽن ڌيئرن کي ڪُهي قتل ڪرڻ بعد مبينا آپگهات جي ڪوشش  ڪئي وئي آهي

ايس ايس پي ڪورنگي ساجد سدوزئي موجب جوابدار فهد اسلم زال هُما، ٽن ڌيئرن ثَمرا، فاطمه ۽ نيها کي تيز ڌار واري اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي موجب ، جوابدار پاڻ تي به تيز ڌار اوزار سان وار ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي

مقتولن جا لاش ۽ زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته جوابدار شمسي ٽائون ۾ فليٽن جي پهرين منزل تي رهندو هو ۽ سندس ڀاءُ مٿين منزل تي رهندو هو

ايس ايس پي موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪريون پيا

وڏي وزير سيد مراد شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔