ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو وقت کان رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو

راولپنڊي: ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جلد رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته  گذريل ڏينهن خبر سامهون آئي هئي ته ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس به جلد رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد انهن سينيئر آفيسرن ۾ شامل هئا جن جا نالا آرمي چيف واري لسٽ ۾ شامل ھئا.

ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس 27 هين اپريل 2023ع تي رٽائرڊ ٿي رهيو هو.

ڪور ڪمانڊر بهاولپور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پڻ رٽائر ٿيڻ بابت سوچي رهيو آهي، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ملازمت جو مدو 30 اپريل 2023ع تي پورو ٿيندو.

ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو واسطو پي ايم اي لانگ ڪورس سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔