اعظم سواتي جو آرمي چيف خلاف گٿن لفظن جو استعمال، پاڪ فوج جي آفيسرن کي سڌيون ڌمڪيون

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعظم خان سواتي سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج جي سربراهه ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اعظم سواتيءَ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ميجر جنرل فيصل نصير خلاف به توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا.

پي ٽي آءِ سينيٽر فوجي آفيسر جو نالو وٺندي ڌمڪي ڏني ته ميجر جنرل فيصل نصير کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي

سينيٽر اعظم سواتي لکيو ته ميجر جنرل فيصل نصير خلاف هر فورم تي ويندس، ميجر جنرل فيصل نصير خلاف هر قانوني ۽ اخلاقي فورم استعمال ڪندس.

هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چئن آرمي چيفس جا نالا وٺندي چيو ته پاڪستان جي مقبول ترين ليڊر عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، مون تي تشدد ڪيو ويو، شهيد ارشد شريف جا پونيئر ۽ ملڪ جو قرض ۾ ڦاٿل ٻچو ٻچو پنهنجي چئني آرمي چيفس کان سندن اثاثن بابت سوال ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔