ڪراچي ۾ ھٿياربندن شھري کان 11 ڪروڙ رپيا ڦر ڪري ورتا

ڪراچي : ڪراچي شھر ۾ ھلندڙ سال جي سڀ کان وڏي ڦر جي واردات ٿي آھي، شھري کي 11 ڪروڙ رپين کان محروم ڪيو ويو آھي

رپورٽ موجب ڪلفٽن بلاڪ پنج ۾ بينڪ مان رقم ڪڍرائي کڻي ويندڙ شھري کي ڦريو ويو، 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدارن شھري کان غيرملڪي ڪرنسي ڦر ڪئي

شھري ذوالفقار علي ٻڌايو ته 19 نومبر تي ٻاھرين ملڪ کان ڪراچي آيو ھيس، 21 نومبر تي بينڪ سان رابطو ڪري رقم ڪڍرائڻ جو چيو

شھري ذوالفقار علي ٻڌايو ته 24 نومبر تي بينڪ انتظاميا پنج لک ڊالر حوالي ڪيا، بينڪ مان رقم ڪڍرائي نڪتس تھ بوٽ بيسن جي ويجھو ھٿياربند جوابدارن ڦرلٽ ڪئي

ذوالفقار علي ٻڌايو ته پنج لک ڊالرز جي ماليت پاڪستاني رپين ۾ 11 ڪروڙ رپيا ٺھي ٿي، مون سان ظلم ٿيو آھي، ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ شھري کان ڦر جي واردات جو ڪيس بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آھي ۽ واقعي جي ھر پاسي کان جاچ شروع ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔