عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي، سڀاڻي وارو جلسو ملتوي ڪيو وڃي:گھرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي جليس ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، عمران خان کي درخواست ڪنداسين ته سڀاڻي وارو جلسو ملتوي ڪري

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ايجنسيز ادارن جون رپورٽس آهن ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ دهشتگردي ٿي سگهي ٿي

راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جي مسئلن جي حل، ڪاميابي ۽ ترقي جو راز قانون ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي، پاڪ فوج جو پنهنجي آئيني ڪردار تي قائم رهڻ جو اعلان ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ آهي

هن چيو ته هڪ سياسي ليڊر ڪوڙي آزادي جي نالي تي ڪوڙي جدوجهد شروع ڪئي، هٿياربند فوج تي مختلف طريقن سان تنقيد ڪئي پر عمران خان کي پنڊي مان اليڪشن جي تاريخ نه ملندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔