آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ پهريون ڀيرو فلسطين معاملن بابت عهدو، خاص صلاحڪار مقرر

واشنگٽن: آمريڪا جي پرڏيهي کاتي هادي عمرو کي فلسطين جي معاملن لاءِ پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا فلسطين سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿي.

ترجمان چيو ته فلسطيني معاملن جي لاءِ نئين خاص نمائندي جو عهدو ٺاهيو ويو آهي ۽ اهي ذميواريون هادي عمرو سرانجام ڏيندو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهڙي قدم کي آمريڪا ۽ فلسطين جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، انکان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان فلسطين لاءِ ڪو به خاص نمائندو مقرر نه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔