نئين آرمي چيف ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس جي مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري

راولپنڊي: نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد جي مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آھن

نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد مرزا جي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين طور مقرري 27 نومبر کان ٿيندي

نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد کي ٽن سالن جي مدي لاءِ عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق سيد عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري 29 نومبر کان ٿيندي ۽ ٽن سالن لاءِ هوندي، جنرل عاصم منير 29 نومبر تي 17 هين آرمي چيف طور فوج جي قيادت سنڀاليندو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا جي رٽائرمينٽ جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر ۽ جنرل نديم رضا 27 نومبر تي رٽائر ٿي ويندا

وزيراعظم شهباز شريف سان نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ڌار ڌار ملاقات ٿي، وزيراعظم جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي واڌايون ڏيندي نئين ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو

وزيراعظم چيو ته نئين قيادت جي سربراهيءَ ۾ فوج قومي سلامتي کي پيش آيل چئلينجز کي بهتر نموني منهن ڏيندي، فوج طرفان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ به ڪردار جاري رهندو

نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس ايوانِ صدر پهچي صدر عارف علوي سان به ملاقاتون ڪيون، صدر عارف علوي طرفان اهم ذميواريون ملڻ تي جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي واڌايون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔