اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان جي انصاف ۽ عالمي انصاف واري نظام ۾ وڏو فرق آهي، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ 50سيڪڙو شيئرز پاڪستان جا آهن
تڪرار سان پاڪستان تي وڏو اثر پوندو، حڪومت عالمي قانون کي نظر ۾ رکندي قدم کڻي، ٻي صورت ۾ ڪمپني عالمي ٽياڪڙي فورم تي هلي ويندي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي به پاڪستان جي انصاف جي نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي
چيف جسٽس چيو ته جڏهن تڪرار عالمي فورمز تي پهچي ويندا آهن ته حل ڪرڻ ۾ گهڻا وسيلا خرچ ٿيندا آهن
ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪار بيڪ گولڊ ڪپني جي وڪيل مخدوم علي خان دليل مڪمل ڪري ورتا، جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن