آرمي چيف جي مقرري: وزيراعظم پاران اڄ شام اتحادي پارٽيز جو مشاورتي اجلاس طلب

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي اتحادي پارٽيز جي پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ مُلڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي

گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ايم هائوس پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي هئي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت بچاءَ واري وزارت طرفان اُماڻيل سمري وزيراعظم هائوس کي ملي وئي آهي

مريم اورنگزيب موجب سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف جي عهدن لاءِ نالن جو پئنل اماڻيو ويو آهي

هن ٻڌايو ته وزيراعظم طئي ٿيل طريقيڪار موجب مقررين تي فيصلو ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔