اسلام آباد: سعودي جي حج واري وزارت ننڍي عمر جي ٻارن بابت پاليسي ۾ تبديلي واپس وٺي ڇڏي، هاڻ 15 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن تي پابندي ختم ڪندي پراڻي پاليسي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.
نون اختيارن موجب 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي حج جي اجازت ٻيهر ڏني وئي آهي جنهن جي تحت پهريان رد ٿيل ويزا ٻيهر پراسيس ڪيا ويندا. حج ۽ عمري واري وزارت طرفان نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جنهن ۾ پاڪستاني حاجين جي لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي هاڻ ٻارن بابت سهولت کي بحال ڪيو ويو آهي.
ڊائريڪٽوريٽ جنرل جج پاڪستان طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ عمر جي نئين حد سبب متاثر درخواستون ٻيهر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سعودي حڪومت اڄ حج 2026 جي لاءِ عمر جي حوالي سان نئين ۽ سخت پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي هئي. سعودي عرب طرفان اوچتو ڪيل وڏي فيصلي موجب 15 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي هلندڙ سال حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هئي.
تبصرے بند ہیں۔