پي ٽي اي جي ٽربيونل ميمبر کي مقرر نه ڪرڻ جو ڪيس: وزيراعظم ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

اسلام آباد:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي ٽربيونل جي فنانس ميمبر کي مقرر نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي 19 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. پي ٽي اي ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي مقرري نه ٿيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي   ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم 19 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي. وزيراعظم  پاڻ پيش ٿي اچي ٻڌائي ته ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي مقرري اڃان تائين ڇو نه ٿي سگهي آهي.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته هڪ رٽائرڊ جج ٽربيونل جو ميمبر مقرر ٿيو آهي، جنهن تي محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ ججز وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، رٽائرڊ ججز کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته رات جو انهن کي سيلوٽ ياد ايندا آهن ته اهي سمهڻ ناهن ڏيندا، ڪنهن جو دل چوي ته اين آءِ آر سي ۾ مقرر ٿي ويندو آهي ته ڪو ڪنهن ٻئي ٽربيونل ۾ مقرر ٿي ويندو آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته 18 مئي تائين فنانس ميمبر کي مقرر نه ڪيو ويو ته وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿئي، مقرري نه ٿيڻ تي وزيراعظم پاڻ اچي ٻڌائي ته فنانس ميمبر کي مقرر ڇو نه ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔